صدر پاران نائن اليون جا ڳجها دستاويز عام ڪرڻ جو حڪم

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جو بائيڊن نائن اليون حملن بابت ڳجها دستاويز عوام لاءِ عام ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هن ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. هن چيو آهي ته انصاف وارو کاتو انهن جي نگراني ڪري ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ اهي دستاويز عوام آڏو آندا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسانکي 2977 انهن امريڪين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي هن دهشتگردي جي واقعي ۾ اجل جو شڪار بڻيا.

پهنجو تبصرو موڪليو