صدر ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ثالثي جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات، صدر ٽرمپ ڪشمير تي ٽياڪڙي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي راضي، عمران خان پاران ڀليڪار ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهين جو محور افغانستان ۾ امن جو قيام، طالبان سان جلد ڊيل ڪرڻ، آمريڪي فوجن کي واپس گهرائڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر ٽرمپ ۽ عمران خان بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. عمران خان چيو ته برصغير جي ڪروڙين انسانن کي امن ۽ خوشحالي ڏيڻ لاءِ مسئلو ڪشمير حل ڪيو وڃي، جنهن تي صدر ٽرمپ چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي به ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ چيو آهي، مان ثالثي لاءِ تيار آهيان. صدر ٽرمپ چيو ته پاڪستان 1.3 ارب ڊالر جي امداد جي بحالي تي غور جي به خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته افغانستان جي مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي ۽ اميد آهي ته جلد طالبان سان هلندڙ ڳالهين جا نتيجا سامهون ايندا. ٽرمپ چيو ته پاڪستان جي دوري جي دعوت ملي ته ضرور ويندس زبردست ملڪ آهي ۽ منهنجا اتي سٺا دوست آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هن دوري م پاڪستان ۽ امريڪا ۾ تعلقات جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي. هوڏانهن اندِيا مان ڪشميري اڳواڻ صدر ٽرمپ پاران ڪشمير مسئلي تي ثالثي جي خيرمقدم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو