صدر ٽرمپ ٻيهرڪشمير تي ثالثي جو اعلان ڪري ڇڏيو،مودي سان ڳالهائيندس

واشنگٽن(ڊيسڪ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته هو هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ڪشمير تي ثالثي لاءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان فرانس ۾ جي سيون ڪانفرنس جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو ڌماڪاخيز ۽ پيچيده معاملو آهي پر مان پنهنجي بهترين ڪوشش ڪري حل لاءِ ڪوشش ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم مودي کان پڇندس ڇا ممڪن آهي ۽ هي مسئلو ڪيئن حل ڪجي. ”مان ثالثي لاءِ جيڪو بهتر ٿي سگهندو اهو ڪندس“. ياد رهي ته 22 جولاءِ تي واشنگٽن ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ هن ثالثي جي پيشڪش ڪئي هئي جيڪا پاڪستان تسليم ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪشمير مسئلو هو حل ڪرائي ٿو ته دنيا جا هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمان کيس دعائون ڏيندا. صدر ٽرمپ جي اعلان بعد ڀارت ۾ اپوزيشن هنگامو ڪيو هو ته ڪشمير ٻه طرفو معاملو آهي عالمي ثالثي جي ضرورت ناهي. هوڏانهن برطانوي وزيراعظم لنڊن ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڀارت ۽ پاڪستان کي پاڻ ۾ حل ڪرڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو