صحت واري وزير جو دورو، ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم نٿا ڪن، سوئيپر

سکر(بيورو رپورٽ)سول اسپتال جي مردا خاني ۾ مقرر سوئيپر صوبائي وزير کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بابت ٻڌائيندي دانهون ڪيون. صحت واري صوبائي وزير عزرا پيچوھو اوچتو سول اسپتال سکر پھچي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو. صوبائي وزير سول اسپتال سکر جي مختلف وارڊن جو دورو ڪري مريضن کان طبيعت معلوم ڪئي، ان موقعي تي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جو پرنيسپل پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو، ايم ايس ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئي. مردا خاني ۾ مقرر سوئيپر صوبائي وزير کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ متعلق دانھن ڪندي ٻڌايو ته ڊيوٽي ڊاڪٽر زبردستي مون کان پوسٽ مارٽم ڪرائيندا آھن. صوبائي وزير سوئيپر کي اِن معامري بابت انڪوائري ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هلي وئي ۽ ڪو به ايڪشن نه کنيو نه ئي وري اتي موجود ذميوارن کان پڇاڻو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو