صحت جي سمورين سهولتن ۾ سولر سسٽم لڳايون پيا، ڪلهوڙو

نوشھرو فيروز (ڳالهه ٻولهه منظور ملڪ) ضلعي جي سڀني رورل هيلٿ سينٽرز (آر ايڇ سيز) ۽ ڊسپينسريز کي سولر جي سهولت ڏيڻ جو ڪم جاري آهي. جڏھن ته بيسڪ هيلث سينٽرز  يعني بي ايڇ يوز کي اڳ ئي اھا سھولت فراهم ڪئي وئي آهي. انشاء الله سمورين اسپتالن مان جلد بجليءَ جي بحران مان جان آجي ڪرائي وٺنداسين اھڙن خيالن جو اظهار ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر مظهر علي ڪلھوڙو رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻي ۾ سولر سسٽم جو ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ سنڌيار سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن چيو ته اسانجي اولين ترجيح آھي ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ايندڙ غريب مريضن کي صحت جون سھولتون فراھم ڪريون ان سلسلي ۾ ضلعي ھيڊڪوارٽر اسپتال کي ضلعي جو درجو ڏيڻ لاء سموريون ڪوششون ڪتب آنديون آھن جنھن جي نتيجي ۾ سول اسپتال کي ضلعي جو درجو ملي ويو آھي ۽ جلد ايس اين اي به منظور ٿي ويندي ھاڻي اسپتالن مان دوائن جي کوٽ کي پوري ڪرڻ سان گڏ آپريشن جون سھولتون پڻ  فراھم ڪيون وينديون ۽ مريضن کي نوابشاھ يا ڪنھن ٻئي شھر ڏانھن ريفر نه ڪيو ويندو.  ھڪ سوال جي جواب ۾ ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز چيو ته ھڪ سماجي شخص جي حيثيت سان منھنجي ڪوشش رھي آھي ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽرز کي جلد کان جلد انسٽال ڪري غريب مريضن کي سھولت فراھم ڪئي وڃي ان لاء بجيٽ جي ضرورت ھجڻ سان گڏ ٽيڪنيڪل اسٽاف يا عملي جو ھجڻ نھايت ضروري آھي جيڪو حڪومت جو ڪم آھي ٰاسان اعليٰ عملدارن کي ان بابت مڪمل لک پڙھ ڪري ڇڏي آھي جلد اھو مسئلو به حل ٿي ويندو ھن عوام کي اپيل ڪئي ته اسپتال ۾ اچڻ کانپوءِ صبر جو مظاھرو ڪن اسپتال عملي سان تعاون ڪن ۽ اسپتالن جي سڌاري لاء تجويزون ڏين ته سموريون سھولتون آساني سان ملي وينديون باقي اڪيلي سر انتظاميا ڪجھ به نه ٿي ڪري سگهي عوام پنھنجن ادارن جي مالڪي ڪندو ته ان ۾ سندن ئي ڀلو آھي ڇوته ڪيترين ئي اسپتالن مان اڳ به پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿينديون رھيون آھن جنھن ۾ ظاھر آھي علائقي جا ماڻھو ئي ملوث ھوندا جن خلاف علائقي واسين کي به قدم کڻڻ گهرجن جيڪڏھن اڄ لڳل سولر سسٽم جي سنڀال ۽ مالڪي توھان نه ڪندو ته يقينن نقصان توھان جو ئي ٿيندو ان لاء علائقي واسين کي گهرجي ته اسپتال کي پنھنجو گهر سمجهن ۽ ضروريات پوري ڪرڻ لاء انتظاميا سان تعاون ڪن. هن چيو ته سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر ڪاظم علي جتوئيءَ جي خصوصي ھدايتن تي اسين سولر سسٽم مهيا ڪريون پيا جيئن بجلي تي ڀاڙڻو نه پوي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو