صحافي ۽ ليکڪ سان ادبي رهاڻ، صحافت مشڪل ڪم آهي

خيرپور ناٿن شاهه (ن سنڌيار) شهر جي سڄاڻ ڌرين ۽ مهراڻ پريس ڪلب طرفان سينئر صحافي، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ مختيار چانڊيو سان سرهي شام ملهائي وئي ان موقعي تي مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن ايڊووڪيٽ سيد لال شاھ، ارشاد کوسو، برڪت چانڊيو,حافظ انور کوهارو، حافظ حاجن لغاري، سيد اظهر شاهه، ذوالفقار علي جتوئي، ممتاز ملاح، حافظ امين جمالي، ايڊووڪيٽ ڪي ڪي  ڏيرو، نظير ميراڻي، مصطفي چنا، اعجاز سومرو، شفيق گاڏهي،  ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته مختيار چانڊيو هڪ بيباڪ سينئر صحافي، اديب ۽ تاريخ سان چاهه رکندڙ سٻاجهڙو انسان آهي جنهن جي  ڪردار جو دامن کير جيان اجرو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جنهن دور ۾ مختيار چانڊيو صحافت جي آغاز ڪيو هو اهو صحافت جي دنيا جو سونهري دور هيو. هنن وڌيڪ چيو ته مختيار چانڊيو صحافي سان گڏ هڪ سماجي اڳواڻ پڻ آهي هن هميشه بي خوف ٿي بي پهچ ماڻهن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته مختيار چانڊيو ان ڪري ٻين کان مختلف صحافي آھي  هي ڪتابن جو وڏو پاڙهو آهي هي جديد سائنس علمي ادبي ۽ تاريخي ادب کان واقف آهي. مختيار چانڊيو چيو ته شهر واسين طرفان مليل  محبت ۽ پيار وساري نه ٿو سگهجي هن چيو ته مون هميشه قلم جي پورهئي سان حق سچ جو آواز بلند ڪيو آهي ۽ ڪنهن به جابر ۽ حاڪم اڳيان جهڪڻ ناهي سکيو. هن وڌيڪ چيو ته صحافت جيتري وڌيڪ سولي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ايتري ئي ڏکي ۽ پيچيده آهي خبرن جي مختلف معاملن تي مختلف سياسي ۽ انتظاميا پاران سختيون ۽ ڌمڪيون به ملن ٿيون ۽ ڪيترن ئي صحافين کي شهيد به ڪيو ويو آهي پر تنهن باوجود به صحافين سچ ۽ حق واري پاسي تي بيهڻ کي ترجيح ڏني آهي.  تقريب ۾  سيد صفدر علي شاھ بخاري، اياز ٻرڙو، شاني شيخ، امين مشوري، علي رضا ڀرڳڙي، شفيق زمان لغاري، قاري اسد ﷲ لغاري، نواب منگي ۽ آصف گاڏهي شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو