صحافي قتل ڪيس مان مک جوابدار آزاد، اپيل جو اعلان

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ ) دھشتگردي جي انت واري عدالت جي جج محمد بخش ڀنگوار پڊعيدن جي شھيد صحافي علي شير راڄپر قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ھڪ جوابدار حبيب الله راڄپر کي ٻه ڀيرا جنم ٽيپ ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ ۽ 13 ڊي ۾ ست سال قيد ۽ ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي، جڏھن ته عدالت ٽن ٻين جوابدارن اڳوڻي چيئرمين شڪيل راڄپر، نظر محمد ۽ غلام علي کي شڪ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيوآھي. شھيد صحافي علي شير راڄپر کي چار مئي 2019 تي پڊعيدن پريس ڪلب ٻاھران سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو جنھن بعد پڊعيدن ٿاڻي تي سندس ڀاءُ دائود راڄپر جي فرياد تي چئن جوابدارن خلاف اي ٽي سي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. اڍائي سال اھو ڪيس دھشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ ھليو، جوابدارن راڄوڻي ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا صحافي جي وارثن تي دٻاءُ وڌو پر انھن عدالت مان انصاف جي اميد رکي راڄوڻي ڪرڻ کان جواب ڏنو. سنڌ ۾ ڪراچي جي صحافي ولي الله بابر بعد ھي ٻيو صحافي ھو جنھن جو ڪيس انصاف لاءِ عدالت ۾ ھلندڙ ھو. شھيد جي وارثن عدالتي فيصلي مان مايوسي ظاھر ڪندي فيصلي خلاف ھاء ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو