صحافي قتل ڪيس جي ٻڌڻي هفتي لاءِ ملتوي

دوداپور(اختيارمندراڻي) دوداپور شهيد ذوالفقار مندراڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڇهن ئي جوابدارن کي اڄ  ٻيهر سول ڪورٽ جيڪب آباد ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي سول ڪورٽ ستن ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ڪجهه مهينا اڳ منشيات فروش پوليس اهلڪار ممتاز دايو، امام شاھ، اڪبر دايو، غلام علي دايو، رياض دايو ۽ نظير دايو دوداپور جي صحافي ذوالفقار مندراڻي کي  ڪار مان لاهي گهلي بند پيل گهر ۾ سخت تشدد کان پوءِ مٿي ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو هو، صحافي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڇهن ئي جوابدارن کي جي آءِ ٽي ميمبر سرتاج جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾  سول ڪورٽ جيڪب آباد ۾ پيش ڪيو ويو، جي آءِ ٽي  پاران ڪيميڪل رپورٽ نه اچڻ سبب وڌيڪ ستن ڏينهن جي مُهلت گهري ورتي، مهلت گهرڻ تي عدالت سڳوري وڌيڪ ڪاروائي هفتي لاءِ ملتوي ڪندي جوابدارن کي 25 جولاءِ تائين جيل موڪلي ڇڏيو آه.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو