صحافي قتل ڪيس جي مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) پڊعيدن جي صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ نامزد مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف صحافين، وڪيلن ۽ مقتول صحافي جي وارثن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ شهيد صحافي جي امڙ ۽ معصوم نياڻيون به شامل هيون، جيڪي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيون هيون. ان موقعي تي صحافي جي امڙ چيو ته سندس پٽ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته کيس پٽ علي شير ٻڌايو هو ته کيس خبرون هلائڻ تان ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن ڪري هن کيس احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر کيس ڪهڙي خبر ته سندس پٽ کي ائين بيگناهه ماريو ويندو. هن چيو ته سندس پٽ جون نياڻيون پنهنجي پيءُ کي ساري روئن ٿيون ته سندس هانءُ ڇڄي ٿو پوي. هن چيو ته کيس انصاف کپي ۽ ٽائون چيئرمين شڪيل راڄپر کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. احتجاج ۾ شامل پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، قاسم اسراڻ، يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاهد قائمخاني، مظهر خاصخيلي، خادم سيال، مشتاق مري، ضلع بار ايسوسيئيشن جي صدر عبدالرحيم ايڊووڪيٽ، جنرل سيڪريٽري امر امتياز ميمڻ ايڊووڪيٽ، سيد زاهد علي شاهه ايڊووڪيٽ، غلام مرتضيٰ تڳر، سهيل راڄپر، فقير ميهر علي بهڻ ۽ ٻين چيو ته ٽائون چيئرمين جي ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس کي گهرجي ته صحافي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار ٽائون ڪميٽي پڊعيدن جي چيئرمين شڪيل راڄپر کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. ضلع بار جي وڪيلن چيو ته هو هر سطح تي صحافين سان گڏ آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو