صحافي قتل ڪيس جي مک جوابدار جي ضمانت واري درخواست خارج

نوشھرفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) دھشگردي ٽوڙعدالت جي جج قاضي منظور شھيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾  نامزد جوابدار شڪيل راڄپر جي ضمانت واري درخواست سندس وڪيل پاران واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي آهي. اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران فريادي دائود جو وڪيل امتياز حسين ميمڻ، سيد زاھد حسين شاھ ۽ جوابدار شڪيل راڄپر جو وڪيل شمس الدين راڄپر عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ۾ جوابدار جي وڪيل درخواست ڏني ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار ٽائون چيئرمين شڪيل راڄپر کي جاچ ٽيم جي ميمبر انسپيڪٽر شهاب الدين ڪولاچي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي. اسان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي، ان لاء اسان پڪي ضمانت جي لا۽ داخل ڪيل درخواست تان ھٿ کڻون ٿا. عدالت جوابدار جي وڪيل پاران اھڙي درخواست قبول ڪندي جوابدار جي ڪچي ضمانت رد ڪئي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي جاچ آفيسر شھاب الدين ڪولاچي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شڪيل راڄپر کي اسان گرفتار نه ڪيو آھي ڇاڪاڻ ته جوابدار کي ھاء ڪورٽ مان 12 مئي تائين ڪچي ضمانت مليل آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو