هڪ صحافي جي ڏاڏيءَ ۽ ٻئي جي امڙ جي وفات تي تعزيت

صوڀوديرو/ مٽياري (ن س) سڳيون جي صحافي مظهر نعمت علي مڱڻيجو جي ڏاڏي سينئر تعليمدان شاعر ۽ اديب استاد نعمت علي نعمت مڱڻيجو ، رحمت علي مڱڻيجو ، استاد ڪرم علي مڱڻيجو  جي چاچي مولوي محمد بچل ۽ نماڻو فقير مڱڻيجو  جي امڙ  جي لاڏاڻي تي ساڻن عذر خواهي جو سلسلو جاري آهي. گسٽا اڳواڻن استاد محمد علي سھتو,استاد مور ٽانوري,استاد اصغر ڀنڀرو,سڳيون سٽي صدر بخت علي ڪلھوڙو, سڳيون پريس ڪلب جو صدر ميان اسد الله چنا,صحافين گلاب علي سيال,زوار امير علي لڪ,مقصود احمد چنا,اعجاز علي ملاح,ايڊووڪيٽ  منور علي شيخ ڪامريڊ عاشق حسين چنا,ڪامريڊ غلام قادر چنا,مظهر ماڊل ايليمينٽري  اسڪول جا استاد ياسين حسين سھتو,وسيم علي سھتو,نثار احمد حطار,صغير حطار ۽ ٻين ڪيترن ئي سوين ماڻهن عذرخواھي ڪئي جڏهن ته تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

جڏهن ته مٽياري مان سنڌيار جي نمائندي رياض چانڊيو جي والده جي وفات تي پي پي ضلع مٽياري جي صدر سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ مٽياري ميڊيا هائوس پهچي فاتحه ڪئي. سنڌيار جي نمائندي رياض چانڊيو جي امڙ ڪجهه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ جي غير جموهري ڪوشش پئي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو