صحافي جي والد سان پوليس اهلڪار جي بدتميزي

مورو (ن س) پوليس جو بدمست اهلڪار شھرين مٿان ڏمرجي پيو, مورو ۾ صحافي اياز سولنگي جي والد نياز علي سولنگي کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ بدتميزي ڪندڙ  پوليس اهلڪار فيض محمد لانگاھ ۽ ٻين جو اهڙو ڪڌو عمل برداشت نه ڪيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار قلم ڌڻين جمن سولنگي جاويد ڪانڌڙو اختر علي لغاري منظور علي لغاري محمد بخش عالماڻي جاني جماڻي حاجي بادل زرداري آفتاب احمد سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته صحافي جي والد نياز علي سولنگي کي ڌمڪيون ڏيڻ گٿا لفظ ڳالهائڻ وارو پوليس اهلڪار جو رويو غلط افسوس ناڪ آهي هنن آئي جي پوليس سنڌ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس اهلڪار فيض لانگاه خلاف سخت ڪارروائي ڪري هن کي هتان هٽايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو