صحافي جي سزا خلاف اپيل، عدالت جواب طلب ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پابندي وڌل لٽريچر رکڻ جي ڏوهه ۾ سينيئر صحافي نصرالله چوڌري کي 5 سال قيد جي سزا خلاف داخل اپيل تي ڌرين کي نوٽيس  جاري ڪري  14 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم خميس تي  صحافي پاران داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي دوران ڏنو. ٻڌڻي دوران صحافين جو وڏو انگ پڻ عدالت ۾ موجود هو جڏهن ته صحافي نصرالله چوڌري پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جو صدر ضياءَ مخدوم ۽ ايڊووڪيٽ محمد فاروق پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ محمد فاروق عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ  عدالت جو فيصلو بنيادي قانون جي خلاف آهي، صحافي کي غير قانوني حراست ۾ رکي ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، شاهديون ته هڪ پاسي ايف آءِ آر ئي قانون جي خلاف آهي. ان موقعي تي صحافين عدالت کي ٻڌايو ته صحافين کي ڌمڪايو پيو وڃي. ٻڌڻي دوران صفائي واري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته غير قانوني حراست تي عالمي سطح تي خبرون ثبوت طور موجود آهن. ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سي ٽي ڊي ٽن ڏينهن تائين غيرقانوني حراست ۾ رکڻ کان پوءِ ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ نامزد ڪيو. درخواست گذار نصرالله چوڌري موقف اختيار ڪيو ته سندس خلاف ڪو به پابندي وڌل لٽريچر جو ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو ۽ عدالت سندس غير قانوني حراست کي نظرانداز ڪندي سزا ٻڌائي. درخواست گذار پاران داخل ڪيل اپيل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ  خصوصي عدالت جي جج منير ڀٽو 26 ڊسمبر 2019ع تي کيس سزا ٻڌائي هئي. درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي ته سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو