صحافي تي مائٽن جو حملو، مرڻينگ حالت ۾ اڇلائي فرار

عادلپور(اسلم مھر)صحافي ياسين ابڙو مٿان گهر ويندي سندس ئي برادري جي بااثرن عبدالغني ابڙو علي مراد ابڙو صدام ابڙو جهانگير عرف نسيم ابڙو ڪاشف ابڙو وسيم ابڙو ۽ ٻين پاران لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري کيس سخت ڪري بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا جنهن بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عادلپور ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر بعد گهوٽڪي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو عادلپور جي صحافين پاران ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو