صحافي تي حملي جا جوابدار گرفتار ڪريو، احتجاج

شاهپورجهانيان(ن س) قلم ڌڻين پاران پريس ڪلب جي چيئرمين محمد ياسين آرائين تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ کين سزا ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جتي خطاب ڪندي صحافين عبدالوحيد ڏاهري ، محمد ياسين آرائين ، ظفر ٻگهيو ، قاسم جاني ، اسد ٻگهيو ، نعيم احمد چنا ، سيف ٻگهيو ، اياز بگو ، حاجي مشتاق آرائين ، حاجي عبدالغفور آرائين چيو ته صحافي ياسين آرائين تي حملو آزاد صحافت تي وار آهي ، هنن چيو ته سنڌ جا صحافي توڙي شاهپورجهانيان جا قلم ڌڻي شرپسند ماڻهن جي نشاني تي آهن ، هنن چيو ته ڪجهه سال پهريان پريس ڪلب جي چيئرمين محمد ياسين آرائين جي والد شهيد صحافي حاجي منير آرائين کي پڻ سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو هو، هنن وڌيڪ چيو ته شرپسند ماڻهن رفاقت جٽ ، عبدالستار ۽ مختيار علي جٽ مان صحافي ياسين آرائين کي خطرو آهي ، هو صحافي کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. صحافين مطالبي سان گڏ چتاءُ ڏنو ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي،  ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو