صحافي اغوا ڪيس ۾ پوليس رپورٽ رد، عدالت پاران ڪاوڙ

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي اغوا ڪيس بابت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آءِ جي صاحب! ڪهڙي دور ۾ رهو ٿا، جاچ ۾ 10 منٽ به نڪري ويا ته شاهديون ضايع ٿي وينديون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ صحافي مطيع الله جي اغوا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ آءِ جي پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد پوليس بابو جيان ليٽر بازي ڪري رهي آهي، جاچ ۾ ته هڪ هڪ منٽ قيمتي هوندو آهي، پوليس ڪهڙي قسم جي رپورٽ پيش ڪئي آهي؟.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مطيع الله جان جي اغوا ڪيس ۾ پوليس کي ڄاڻ گڏ ڪرڻي هئي، توهان پاڻ نه ڪجهه سکيو ۽ نه سيکاريو آهي، پوليس آفيسر ڪرسي گرم ڪرڻ لاءِ نه، پر ڀڄ ڊڪ لاءِ هوندا آهن.سُپريم ڪورٽ صحافيءَ جي اغوا معاملي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته هاڻي وڌيڪ ليٽر بازي ناهي ڪرڻي، عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ صحافي مطيع الله جان کي وڪيل ڪرڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو