صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس، وڪيل غائب ٻڌڻي ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ)نوجوان صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي سومر تي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج آنند رام ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ ڄاڻايل ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو چيئرمين عنايت شاھ، اڳوڻو وائيس چيئرمين احسان شاھ ۽ اڳوڻو ايس ايڇ او عاشق ميراڻي عدالت ۾ پيش ٿيا، قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار رضا شاھ، جميل شاھ، اڪبر مڱريو، مصطفي ۽ جانب ميراڻي کي عدالت آندو ويو، دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت جوابدارن جي وڪيلن جي غيرموجودگيءَ سبب ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي گذريل سال 18 مارچ تي صحافي اجي لالواڻيءَ کي قتل ڪيو ويو ھو. قاتلن ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو ۽ چيو هو ته هنن پئسا وٺي قتل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو