صحافين سان بدتميزي، سول سرجن معافي وٺي ڇڏي

مٺي(لياقت نھڙيو) سنڌ حڪومت پاران ماڊل قرار ڏنل سول اسپتال انتظامي نااهلي، سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ سبب ٿري ماروئڙن لاء شفاخانو هجڻ بجاءِ ڪوس گهر بڻجي ويئي آهي. سول اسپتال ۾ ليبارٽري ٽيسٽن، دوائن ۽ انتظامي نااهلي سبب ڊاڪٽرن سميت عملو ٻيڻي پگهار کڻڻ جي باوجود مريضن کي فائدو ڏيئي نه سگهي، ڏورانهن علائقن مان ايندڙ مريض بي يارو مددگار  بڻيل آهن، اسپتال ۾ سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب زير علاج هڪ مهيني جي ٻارڙي مونيڪا ڌي تارو ميگهواڙ  فوت ٿي ويئي جنهن جو ٻارڙي جي والد کي 10 ڪلاڪ بعد اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد پورهيت تارو ميگهواڙ ٻارڙي جو لاش رکي اسپتال جي مين گيٽ تي احتجاج ڪري صحافين کي اطلاع ڪيو جنهن بعد سينئر صحافي ساجد بجير ۽ ساحل ٻالاڻي احتجاج جي ڪوريج لاء پهتا جتي ڪوريج ڪرڻ بعد صحافي روانا ٿيا ته سول سرجن گل منير وسطڙو پنهنجي ملازم کي موڪلي صحافين ساجد بجير ۽ ساحل ٻالاڻي کي سندس آفيس ۾ گهرايو جتي هن اجازت بنا ڪوريج ڪرڻ تان موتمار ڌمڪيون ڏيئي بدتميزي ڪئي ۽ صحافين مٿان تشدد ڪرائڻ لاء الرون ڪيون ۽ گيٽ بند ڪرائي ڇڏيا جنهن بعد صحافين ڪوريج دوران سندس صحافي برادري کي اطلاع ڪيو ته ٿر ميڊيا سينٽر ۽ ٿر پريس ڪلب جا سمورا صحافي اعجاز بجير ۽ کاٽائو جاني جي اڳواڻي ۾ پهچي ضلعي انتظاميا کي پيش آيل واقعي جو اطلاع ڪيو ۽ احتجاج ڪندي صحافي اسپتال جي مين گيٽ آڏو سول سرجن خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، صحافين جي ڌرڻي ۾ فوتي ٻارڙي مونيڪا ميگهواڙ جي پيء تارو ميگهواڙ دانهيندي چيو ته اسان کي ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع 10 ڪلاڪ بعد ڏنو ويو ۽ مون وٽ پئسا نه هجڻ سبب شناختي ڪارڊ اسٽور وارن وٽ رکي علاج ڪرايو پئي. احتجاج ڪندڙ صحافين   چيو ته صحت کاتو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاء صحافين کي پنهنجو قانون لاڳو ڪري اسپتالن ۾ داخلا جي پابندي لڳائي ويئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪئي ويندي. ڊي سي ٿرپارڪر شهزاد طاهر ٿهيم اطلاع ملڻ بعد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر مختيار ابڙو، ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ ۽ ٻين کي موڪليو، صحافين پيش آيل واقعي جي رڪارڊنگ ڏيکاري ۽ چيو ته سول سرجن عوام جي سامهون معافي وٺي ۽ اسپتال ۾ صحافين جي پابندي جا لڳايل بينر هٽائي مريضن جو بهتر علاج ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي. جنهن بعد سول سرجن گل منير وسطڙو آيل آفيسرن سان گڏ معافي ورتي ۽ اسپتال ۾ لڳايل صحافين جي پابندي وارا بينر هٽائڻ جو اعلان ڪيو. سول اسپتال مٺي ۾ فوت ٿي ويل هڪ سال جي ٻارڙي مونيڪا ميگهواڙ جي پيء جو اسٽور تي دوائن جي پئسن ۾ رکيل شناختي ڪارڊ سول سرجن پنج هزار روپيا ڏيئي کڻي ڏنو ۽ لاش کي ڳوٺ پهچائڻ لاءِ به انتظام ڪيو.  

پهنجو تبصرو موڪليو