صحافين جي ٻن گروپن ۾ ٺاهه لاءِ ميڙ منٿ قافلي جي ڪوشش

سکر(بيورو رپورٽ)صحافين ۾ هلندڙ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ سڄاڻ ڌريون سرگرم ٿي ويون، معززن، نياڻين پاران شاهه جو رسالو ۽ گلدستو کڻي ميڙ منٿ قافلو امداد ڦلپوٽو واري ڌر وٽ پهتو، ڀرپور موٽ ڏني وئي، سکر جي ٻن صحافي ڌرين لالا اسد پٺاڻ ۽ امداد ڦلپوٽو جي گروپن ۾ ڪيترن ئي ورهين کان صحافتي مامرن تي هلندڙ اختلافن ۽ رنجشن کي نبيرڻ لاءِ ڪالهه سکر جي سڄاڻ ڌرين پاران ميڙ منٿ قافلو امداد ڦلپوٽو وٽ پهتو، قافلي ۾ سکر ڊولپمينٽ الائنس جو چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ، انسان نيٽ ورڪ جي چيئرپرسن زبيدا ڪنول بلوچ،  مير آدم خان رند، معصوم نياڻي سنڌو جاويد جتوئي، جسقم اڳواڻ غلام مصطفي ڦلپوٽو، سکر سمال ٽريڊرس جا اڳواڻ حاجي شريف ڏاڏا، مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ آغا ظاهر مغل، سول سوسائٽي اڳواڻ اشفاق ڀٽي، سماجي اڳواڻ سيد باسط شاهه، تنظيم پاڪستاني جو اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، زبير قريشي، عبدالقادر شيواڻي، شبير ميمڻ، ظهير ڀٽي، منير ميمڻ، شفيق قريشي، راجا شيخ، تاج رند ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي امداد ڦلپوٽو، ساحل جوڳي،  عاشق جتوئي ۽ سندن ساٿين ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي ٺاهه لاءِ مڪمل راضپو ڏيکاريو. هنن قافلي کي خاطري ڪرائي ته مڪمل ٺاهه تائين انهن جي پاران ڪنهن به قسم جي اڳرائي نه ڪئي ويندي. قافلي ۾ شامل سڄاڻ ڌرين ڀرپور موٽ تي امداد ڦلپوٽو ۽ سندس ساٿين جو شڪريو ادا ڪيو. هنن چيو ته جلد لالا اسد پٺاڻ ڏانهن پڻ ميڙ وڃي ڌرين کي کيرکنڊ ڪبو.

پهنجو تبصرو موڪليو