صحافين جي برطرفين خلاف صحافين جو احتجاج

نوشھرو فيروز )رپورٽ منظور ملڪ(پي ايف يو جي سڏ تي يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي جبري برطرفين، پگھارون ۽ بقايائون ادا نه ڪرڻ، ميڊيا تي غير اعلانيه سينسرشپ ۽ پابندين، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تان ورڪرن جي برطرفين، ويج بورڊ اوارڊ تي عمل نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ صحافي مطالبن جي حق ۾ نعرہ ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي اين ايف يو جي جي صدر زاھد قائمخاني، پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر يونس راڄپر، مظھر خاصخيلي، ماجد ميمڻ، قاسم اسراڻ، شاھد خانزادہ، منصور ميمڻ، ھاشم سومرو، مجيب ڀيريجو، ساجد جويو، مجيب وڳڻ، فقير ميھر علي بھڻ، شھريار جوکيو، رائو واجد، دلمراد ۽ ٻين چيو ته پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آھي. صحافين جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. ميڊيا تي غير اعلانيہ سينسرشپ لڳائي عوام جي آواز کي دٻايو پيو وڃي. ميڊيا ڪارڪنن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته برطرف ڪيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو