صحافين تي حملي ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) بينظير آباد پريس ڪلب جي صدر ۽ سنڌيار جي نمائندي اي ڪي ڏاهري جي گهر تي حملي خلاف نوابشاهه ۾ ۽ گمبٽ جي صحافي حاڪم ڀٽي خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانون هيٺ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف دريا خان مري ۾ صحافين ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا.*** نواب شاھ مان نمائندي موجب بينظيرآباد پريس ڪلب جي صدر ۽ روزاني سنڌيار جي رپورٽر سينيئر صحافي اي ڪي ڏاھري تي حملو ڪندڙ جوابدارن ٽائون آفيسر ڪاشف علي زرداري ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري دھشتگردي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف صحافين ، سوشل ورڪرن ، سول سوسائٽي پاران  پريس ڪلب کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي واپسي پريس ڪلب پھتي جتي مظاھرين وقار آرائين ، عارف ٻگھيو ، ايم بي ڏاھري ، صلاح ڪيريو ، مومن جوڻو ، سوشل ورڪر وزيرانڙ ، ضمير انڙ ، طالب حسين ڏاھري ، عبدالسلام ڏاھري، دانش وٽو ، حيدر خانزاده ، خليل احمد خانزادا ۽ ٻين ان موقعي تي صحافين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي شھر جي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاء نوابشاھ جا وياجي ، قبضه مافيا گروھ ، ڪجهه سياسي ماڻھو ۽ بيوروڪريٽ اسان کي پنھنجون صحافتي ذميواريون نڀائڻ کان روڪي رھيا آھن ۽ انتظاميه پاران ڪو به اسان سان تعاون نه پيو ڪيو وڃي اسان جي صحافين کي سرعام ھٿياربندن سان ملي ڪري ٽائون آفيسر ۽ ٻيا نامعلوم ھٿياربندن صحافي جي گھر تي حملو ڪري جان کان مارڻ لاء فائرنگ ڪندي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنھن ۾ صحافي اي ڪي ڏاھري ، سندس ڀائر ڊاڪٽرغلام سرور ، علي شير ۽ ڀائيٽو فرمان الله ڏاھري سخت زخمي ٿي پيا جن کي پوليس پاران ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو ويو جڏھن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آندي وئي آھي ۽ نه وري ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي صحافين ، سوشل ورڪرن ۽ سول سوسائٽي پاران ضلعي انتظاميه توڙي آئي جي سنڌ وزير اعلي سنڌ ، ڊي جي رينجرز سنڌ کان مطالبو ڪيو ته دھشتگردي ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ، صحافين صحافي ۽ سندس فيملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ، اگر صحافي اي ڪي ڏاھري يا سندس فيملي جي ڪنھن به فرد کي ڪجھ به نقصان رسيو ان جو ذميوار ڪاشف زرداري ۽ سندس ساٿاري ھوندا .*** دريا خان مري مان ارباب مري موجب گمبٽ جي سينئر صحافي حاڪم ڀٽي تي دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلڻ خلاف پريس ڪلب دريا خان مري جي صحافين مير محمد لاشاري ارباب مري رانا رياض الحسن حفيظ پلھ وريل سنڌي ارشد محمود ماجد اختر خاصخليي علي گوھر پلهه دلمراد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي  مظاھري کي خطاب ڪندي صحافين چيو ته گمبٽ جي سينئر صحافي حاڪم ڀٽي تي گمبٽ پوليس ھڪ بلڊر مافيا جي چوڻ تي دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو آھي.

Photo Sindhyar

ان جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا سنڌ جي اندر پوليس صحافين کي ھيسائڻ لاء سچ جي آواز کي دٻائڻ لاء صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آھي ھنن وزير اعلي سنڌ آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن اختيار ڌڻين کان مطالبو ڪندي چيو ته صحافي حاڪم ڀٽي تي داخل ڪيل دھشتگردي جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪري فورن آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو