صحافين تي تشدد خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافين تي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرا ڪندي  اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي وئي آهي ته صحافين تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ ڏنو وڃي. ***سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ موجب قاضي احمد پوليس پاران صحافي مختيار عرف بادشاھ لاکو تي قاضي احمد پوليس جي بي رحمانا تشدد ڪندي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي آس پاس جي مختلف پريس ڪلبن جي صحافين، سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران اهتجاج ڪندي مذمت ڪئي وئي. هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪندي چيو ته صحافي تي تشدد ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري صحافي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي صحافي مختيار عرف بادشاھ لاکو نواب ولي محمد پريس ڪلب تي قاضي احمد جي ايس ايڇ او جي ناجائزين خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مان پنهنجي وٽنري ميڊيڪل اسٽور وٽ بيٺو هئس ته سول ڊريس ۾ پوليس اهلڪار آيا ۽ گارگند ڪري دڪان بند ڪرڻ جو چيو مان دڪان بند ڪري هليو ويس بعد ۾ مان پوليس جي اهڙي عمل جي خبر شوشل ميڊيا تي هلائي ته ايس ايڇ او قاضي احمد حسين کرل ۽ سندس اسپيشل ٽيم اهلڪارن پهلوان ڪنڀر خدا ڏنو اوٺو فياض زرداري حسين چانڊيو لال بخش رند سميت تقريبن 15ٻيا ساڻ ڪري مونکي گهران سڏي تشدد ڪري ٿاڻي تي کڻي اچي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مون تي قلم 144جي ڀڃڪڙي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. مون عدالت مان ضمانت ڪرائي آھي. ***صوڀوديرو مان مظهر نعمت علي مڱڻيجو  موجب سڳيون ڀرسان قاضي ڀٽا ۾ شيخ ۽ ڀٽا برادري جي ماڻهن جي جهيڙي جي ڪوريج دوران ڀٽا برادري جي ماڻهن سڳيون جي صحافين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻائي ڪيمرائون ۽ لوگا ڦر ڪرڻ واري واقعي کي ٻه ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف صحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي صدر حاجي غلام حسين چانگ، جمال محمود کهڙو، زاهد سامٽيو، فياض سولنگي، فضل محمد منگي، ميان اسد ﷲ چنا اختيار علي چنا زوار امير علي لڪ گلاب علي سيال، تسليم احمد ڪوري، عرفان علي چنا، فدا عباسي، الفت علي ڀاڳت، لالا اشفاق احمد ڀاڳت، صدورو خان چنا، عبدالوحيد لڪ، محمد مٺل قريشي، اعجاز علي لڪ ۽ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته صحافين سان ڏينهون ڏينهن ظلم ۽ ناانصافيون وڌنديون پيون وڃن ڪجهه نااهل پوليس آفيسرن قانون کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري غريبن کي انصاف ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي رشوت جي بازار گرم هئڻ ڪري غريب ماڻهن کي پنهنجي قلم ذريعي انصاف ڏياريندڙ صحافي پڻ ناانصافي جي ور چڙهيل آهن. هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او صوڀوديرو ۽ چوڪي انچارج سڳيون کي فوري طور هٽايو وڃي.***پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب نوجوان صحافي ارشاد رستم انڍڙ کي ڳوٺ تلين ڀرسان ڪوريج دوران جوابدارن حملو ڪري ڏنڊا ھڻي بدترين تشدد جو نشانو بڻائن بعد فرار ٿي ويا. صحافي ٻڌايو ته ڪوريج دوران جوابدار لال محمد انڍڙ سميت پنج نامعلوم ماڻھن کين ڪوريج کان روڪيو جنھن بعد هنن حملو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي فرار ٿي ويا. متاثرصحافي پنوعاقل جي ڪينٽ ٿاڻي پهچي ڄاڻايل جوابدارن تي اين سي داخل ڪرائي آھي ، ھوڏانھن صحافي تي تشدد واري واقعي بعد صحافتي تنظيمن پاران معاملي جي مذمت ڪندي ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر کان گھر ڪندي چيو آھي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو