صبا قمر ۽ سونيا حسن پوليس آفيسر جي روپ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جون 2 ڀلوڙ ۽ خوبصورت اداڪارائون صبا قمر ۽ سونيا حسن جلد هڪ ئي ڊرامي ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ اچي رهيون آهن،  اداڪارا صبا قمر ۽ سونيا حسين پوليس آفيسر جي ڪردار ۾ اينديون. ناليواريون اداڪارائون هدايتڪار عدنان سرور جي ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪيون ويون آهن.صبا قمر ۽ سونيا حسين کي  پوليس آفيسر جو ڪردار ڏنو ويو آهي. ٻنهي اداڪارائن تصويرون پڻ شيئر ڪري ڇڏيون آهن جن کي سوشل ميڊيا تي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو