‘صاف پاڻي اسانجي زندگي’ سيمينار بابت ڄاڻ مهم

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) شهر جي جر جو پاڻي انتھائي خراب صورت اختيار ڪري ويو آھي، شڪارپور جا ماڻهو صحت لاءِ ھاڃيڪار قرار ڏنل پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، جنھن سبب شھري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن، پاڻيءَ جي حوالي سان متبادل انتظام نه ٿيڻ سبب شھري پريشاني جو شڪار آھن، ان حوالي سان جماعت اسلامي پاران  جر جي پاڻيءَ جي خراب ٿيڻ واري صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي ”صاف پاڻي اسان جي زندگي” جي عنوان ھيٺ پنھنجي مھم تيز ڪري ڇڏي آھي ۽ شھر اندر پمفليٽ تقسيم ڪري ماڻھن کي پاڻيءَ متعلق آگاهي ڏني وئي آھي، جڏھن ته ان حوالي سان جماعت اسلامي پاران آچر جي شام جو  پريس ڪلب ۾ ھڪ سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو آھي، جنھن جي دعوت پريس ڪلب جي صدر رحمت الله سومرو، شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻ ميان ظفر علوي، زاھد ڀنڀرو، اسپيشل پيپلز فائونڊيشن جي اڳواڻ آغا منير پٺاڻ، يونين آف جرنلسٽس جي صدر آغا اسرار پٺاڻ، سومرا اتحاد جي اڳواڻ ارشد سومرو، انجمن طلباءِ اسلام جي اڳواڻ فضل الله نوراني سميت شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي صحافين ۽ وڪيلن کي ڏني وئي آھي، سيمينار ۾ شھر جي خراب ٿيل پاڻيءَ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو، ٻئي طرف جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ، عبدالسميع ڀٽي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته شھري اسان جي آواز سان پنھنجو آواز ملائن ته جيئن انتظاميه طرفان صاف پاڻيءَ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو