شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي سرخ سلام

ليکڪ عبدالمجيد بروھي

ان وقت جڏنھن پنھنجي ئي ھڪ غدار ساٿي پاران جنھن کي پيپلز پارٽي فرش کان عرش  تي پھچايو ھيو جنھن کي شھيد راڻي ھڪ ورڪر سمجھي ھن ملڪ جوـصدر بڻايو ھيو ان پنھنجي ئي محسنن پنھنجي ئي پارٽي جنھن پارٽي جي ڪري ھوـ ھن ملڪ جي اھم منصب تي ويٺو ھيو ان پنھنجي پارٽي سان غداري ڪندي شھيد راڻي سان غداري ڪندي عوام جي ووٽن سان چونڊيل عوامي حڪومت کي ڪجھ شرپسندن ملڪ دشمنن جي چوڻ تي شھيد راڻي جي حڪومت تي راتاھو ھڻي عوامي حڪومت کي ڪيرائي شھيد راڻي۽ مادر جمھوريت امڙ نصرٿ ڀثو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين زبردستي جلاوطن ڪيو مرد مجاھد آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا من گھڙت ڪيس داخل ڪيا ويا پ پ پ جي ڪارڪنن ھمدردن لاء .  پوري پاڪستان ۾ رڻ ٻاريو ويو پ پ پ پ پ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ بعد نوازشريف کي ان وقت جي ڪرتا ڌرتائن پاران حڪومت ڏني وئي جنھن اچڻ شرط انتقامي سياست شروع ڪري ڇڏي ڪيترن ئي جيالن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين وفاداري مٽائڻ جي لاء زور ڏنو ويو جن کي جيالن نظر انداز ڪندي تشدد سھندا رھيا پر غداري نـ ڪيائون نواز شريف ان وقت پنھنجي ھڪ درباري سيف رحمان کي اھو ٽاسڪ ڏنو ھيو تـ ھو پ پ پ جي جيالن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پ پ پ جي جيالن کي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪري پر ان ۾ بـ ھو ناڪام ثابت ٿيا پ پ پ جي بھادر اڳواڻ آصف علي زرداري کي بنا ڪنھن ڏوھ  جي زندانن ۾ واڙيو ويو سندس مٿان زور وڌو ويو تـ ھو محترما خلاف وعدا معاف گواھ بڻجي وڃي ۽ ڪوڙا بيان ڏئي تـ کيس آزاد ڪرڻ سميت اھم ذميواري ڏيڻ جي آڇ ڪيائون جن کي مرد مجاھد آصف علي زرداري کين اھو جواب ڌئي کين انڪار ڪيو تـ مان ھڪ جيالو آھيان ڀٽو ازم جو پيروڪار آھيان مان مرڻ پسند ڪندس پر پنھنجي قائد خلاف ڪوبـ ڪوڙو بيان نـ ڏيندس جنھن بعد نواز سرڪار کي غصو اچي ويو ۽ مرد مجاھد آصف علي زرداري مٿان وھشياڻو تشدد ڪري سندس زبان بـ ڪٽي وئي نواز حڪومت بعد آمر مشرف جي ڪاري دور ۾ بـ پ پ پ جي جيالن ۽ قائدين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ جوـٻيو دور شروع ڪيوـويو ھڪ ٽانگا پارٽي جوڙي من پسند ماڻھن کي ان ۾ شامل ڪري نالي ماتر اليڪشن ڪرائي نتيجا تبديل ڪري ان ٽانگا پارٽي کي زوري کٽرايو ويو محترما بينظير ڀٽو جي جلاوطني باوجود سلام آھي ھن ملڪ جي عوام کي جن محترما ۽ پ پ پ تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو ان وقت بـ پوري پاڪستان ۾  سڀني کان وڌيڪ ووٽ پ پ پ حاصل ڪيا ھيا پر آمر مشرف رات جي پيٽ ۾ نتيجا تبديل ڪري پ پ پ جو سيٽون گھٽايون ويون جنھن بعد پ پ پ جي ڪجھ لالچي ميمبرن کي لالچ ڏئي انھن جي وفاداري تبديل ڪرائي انھن کي لوٽا ڪريسي ۾ شامل ڪيو ويو پورا ٻارنھن سال پ پ پ جي قائدين ۽ جيالن کي تنگ ڪيو ويو جنھن بعد شھيد راڻي تمام ڌمڪين کي نظر انداز ڪندي چيائين تـ ھاڻي مان پنھنجي ملڪ جي عوام کي ھنن ظالمن ۽ ملڪ دشمنن جي رحم ڪرم تي نٿي ڇڏي سگھان ملڪ واپسي جي اعلان بعد محترما کي ڌمڪيون ملنديون رھيون جڏنھن شھيد راڻي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي تـ ان وقت ان جو پوري پاڪستان جي عوام پاران اھڙو تـ شاندار استقبال ڪيو ويو جو سڀ پ پ پ جا دشمن حيران پريشان ٿي ويا لکين ماڻھن پنھنجي عظيم اڳواڻ جو مانائتوـاستقبال ڪري پ پ پ محبت جو ثبوت ڏنو ھيو ان وقت جي سنڌ حڪومت پنھنجي آقا مشرف جي حڪم بجاآوري ڪندي شھيد راڻي جي لکين ماڻھن سان نڪتل قافلي کي صرف نالي ماتر سيڪيورٽي ڏني ھئي  قافلي جي رستي جي بجلي بنا ڪنھن سبب جي بند ڪرائي وئي ھئي پ پ پ جي پوري قيادت ان وقت شھيد راڻي سان  ان قافلي ۾ سان گڏ ھئا سيڪيرٽي نـ ھجڻ ۽ بجلي بند ھجڻ سبب پ پ پ ۽ عوام جي دشمنن پاران عوامي ليڊرن کي شھيد ڪرڻ جي لاء جمھوري ٽرڪ ڀرسان خود ڪش حملو ڪرايو ويو جنھن ۾ پ پ پ جي جيالن پنھنجي جان جا نذرانا ڏئي پنھنجي قائدين کي بچايو ان وقت انھن جيالن جو جذبو ڏسڻ وٽان ھيو جن ڌماڪي بعد ڀڄڻ بدران پنھنجي عظيم قائد پنھنجي ڀيڻ کي بچائڻ جي لاء جمھوري ٽرڪ طرف وڌڻ لڳا جيالا انـوقت چئوطرف ھٿ ھٿ ۾ ڏئي ٽرڪ جي سيڪيرٽي سنڀالي ورتي ان وقت تائين اتي بيھي رھيا جيسيتائين محترما کي اتان حفاظت سان ڪڍي ٻئي گاڏي۾ ويھاري بلاول ھائوس پھچائڻ بعد اتي موجود جيالا پنھنجي ساٿين جي ڳولا ڪرڻ لڳا 

  پ پ پ جي جيالن ان وقت پنھنجي جانن جا نذرانا ڏئي پنھنجي ڀيڻ مٿان جان قربان ڪري ڇڏيائون جن کي اسين سرخ سلام پيش ڪريون ٿا 

شھيد راڻي ھڪ بھادر اڳواڻ ھئي جيڪا ان حملي بعد ملندڙ ڌمڪين کي نظر انداز ڪندي رھي بنا ڪنھن پروٽوڪول جي شھيد ٿيندڙ جانثارن جي گھرن ۾ وڃي سندس وارٽن سان ملي ساڻن ڏک ونڊيندي  رھي ان وقت شھادت ماڻيندڙن جي والدين شھيد راڻي چوندا رھيا تـ اسان کي خوشي آھي تـ اسان جو ٻچڙو توھان جي جان بچائيندي توھان مٿان قربان ٿيو آھي اسان جو پورو خاندان توھان مٿان قربان ٿيڻ لاء تيار آھي جڏنھن محترما زخمين سان ملڻ اسپتال پھتي تـ ان وقت سخت زخمي ٿيل جيالا پنھنجي ڀيڻ کي پنھنجي ڀرسان صحيح سلامت ڏسي پنھنجا زخم سور وساري زندا ھي ڀٽو زندا ھي جا زوردار نعرا ھڻندا رھيا 

شھيد جمھوريت پوري پاڪستان  ۾ تاريخي جلسا ڪرڻ لڳي سندس جلسن ۾ عوامي سمنڊ ڏسي مخالف پيا سڙندا ھيا شھيد راڻي پنھنجن تمام جلسن ۾ ملڪ دشمنن ۽ مذھبي انتھاپسندن ۽ دھشتگردن کي للڪاري چوندي ھئي تـ اھي سڀ اسان جي ملڪ جي امن ۽ سلامتي جا دشمن آھن ملڪ جي عوام جا دشمن آھن ملڪ پاڪستان جي ترقي جا دشمن آھن اھي بنا دير ھن ملڪ مان نڪري  ھليا وڃن 

شھيد راڻي پاران  انتھا پسندن دھشتگردن کي ۽ ملڪ دشمنن کي للڪارڻ سبب  اھي سڀ جا سڀ گڏجي شھيد راڻي جي جان جا ويري بڻجي ويا جن شھيد راڻي کي ھن ملڪ جي عوام جي ترقي جي ڳالھ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪجھ بيغيرت ملڪ دشمنن دھشتگردن جي مدد سان شھيد راڻي کي شھيد ڪيو ويو ان وقت کان ھن وقت تائين پ پ پ جا جيالا پنھنجي ڀيڻ جي ورسي گڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ملھائيندا رھن ٿا شھيد راڻي جي ورسي ۾ ھر سال لکين پاڪستاني گڙھي خدابخش ڀٽو پھچي پنھنجي ڀيڻ سان عھد وفا ۽ وچن ڪن ڪندا آھن اڄ  ان عظيم اڳواڻ سنڌ راڻي شھيد جمھوريت شھيد راڻي جي جنم ڏينھن تي پوري پاڪستان ۾ نـ صرف جيالا پر ھر پاڪستاني شھيد راڻي جي سالگرا جي موقعي تي کيس آلين اکين سان ياد ڪري کيس سرخ سلام پيش ڪن ٿا. brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو