شگر ملز مان برطرفين خلاف علامتي بک هڙتال جاري

ٽنڊومحمدخان (مظفر علي بروهي)آبادگار شوگر ملز جي انتظاميا پاران  ملازمن کي جبري برطرف ڪرڻ خلاف  نائين  ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي ،  ان موقعي تي غلام قادر شورو ، عبدالشڪور ڪنڀار،  ۽ ٻين برطرف ملازمن  چيو ته وزير اعظم جو واضح حڪم هو ته لاڪ ڊائون سبب ڪنهن به اداري مان ڪنهن ملازم کي برطرف نه ڪيو ويندو پر سنڌ آبادگار شوگر مل جي انتظاميا مزدرو دشمن پاليسي اختيار ڪندي مزدورن کي جبري برطرف ڪري ڇڏيو جيڪا ملازمن سان سراسر ناانصافي آهي هننن چيو ته شوگر مل مان برطرف ٿيڻ سبب هو مالي پريشانين جي ور چڙهيل جنهن سبب ذهني دٻاءَ جا شڪار آهن ۽ اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته سنڌ آبادگار شوگر مل جي گيٽ آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪندا سين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو