شڪارپور کان راڄنپور روڊ لاءِ ساڍا 23 ڪروڙ ڊالر منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ(اي ڊِي بي) شڪارپور کان راڄنپور تائين قومي شاهراهه کي ٻن لين مان چار لين وارو روڊ ٺاهڻ لاءِ ساڍا ٽيويهه ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (سي ايَ آر اِي سي) ڪوريڊور5 هيٺ هن روڊ تي حادثي جي صورت ۾ ترت امداد جا مرڪز ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن منصوبي هيٺ ڪراچي ۽ گوادر بندر گاهه کي ملڪ جي اترين علائقن تائين سامان ۽ ماڻهن جي بهتر سهولت لاءِ ڳنڍيو ويندو. گهڻين قسطن واري هن قرض جي پهرين قسط 18 ڪروڙ ڊال جي 2017 ۾ جاري ٿي هئي جنهن مان سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 143 ڪلوميٽر روڊ ٺهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو