شڪارپور جي ٽيم فٽ بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو

روهڙي (ن سنڌيار) لوڪو شيڊ جي فٽبال گرائونڊ ۾ جشن آزادي فٽبال ڪپ 2021 جو فائنل ميچ ڊسٽرڪٽ شڪارپور فٽبال ڪلب مومن فٽبال ڪلب لوڪو شيڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويو. جيڪو پنهنجي مقرر وقت تائين زيرو زيرو گول تان برابر رهيو بعد ۾ ڊسٽرڪٽ شڪارپور فٽبال ڪلب؛ مومن فٽبال ڪلب لوڪو شيڊ کان پينلٽي ڪڪس جي ذريعي فائنل ميچ کٽي ورتو ان کان پوءِ ٽورنامينٽ جي خاص مھمان نالي واري سينيئر فٽبالر  نور نبي ميمڻ کٽيندڙ ٽيم کي ونر ٽرافي ڏني جڏهن ته ٻين مهمانن روهڙي پريس ڪلب جي صدر مجاهد بوزدار ؛محمد عثمان گهنڃو؛ عبدالقدير ميمڻ؛ عبدالستار بروهي؛ ڪامران انصاري؛ محسن ۽ صدام حسين رنر ٽيم کي ٽرافي ڏني ۽ ٻين رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورهايا ان موقعي تي خاص مهمان نور نبي ميمڻ ٻنهي ٽيمن پاران بهترين راند پيش ڪرڻ تي رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ نوجوانن ۾ راندين جون بهترين صلاحيتون موجود آهن پر هن وقت سٺي گرائونڊ ۽ راندين جي سهولتن جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسڪول ليول کا. ئي ٻارن کي راند روند جي سرگرمين ۾ مصروف رکيو وڃي ۽ ننڍا وڏا ٽورنامينٽ ڪرايا وڃن ته جيئن ٻارن ۾ هارڻ کان پوءِ کٽڻ جو جذبو پيدا ٿي نور نبي ميمڻ ٽورنامينٽ جي آرگنائيزرز ۽ مقامي فٽبال ڪلب جي رانديگرن کي يقين ڏياريو ته هو لوڪو شيڊ جي فٽبال گرائونڊ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ۽ فٽبال جي رانديگرن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرائڻ لاءِ هو ذاتي طور به هر ممڪن ڪوشش ڪندو جڏهن ته صوبائي سطح تي به گرائونڊ جي تعمير ۽ مرمت لاءِ اسپيشل فنڊن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو