شڪارپورجي جوڙي جو لاڙڪاڻي ۾ پيار جو پرڻو، تحفظ جو مطالبو

لکي غلام شاه( ن س) رستم جي ڳوٺ عامل مهر جي ڦٽل بند تي ويٺل ڳوٺ فيضو شيخ واسڻ مسمات آسيہ ڌيء واحدبخش شيخ گهران نڪري لاڙڪاڻي جي هاء ڪورٽ ۾ رستم جي ڳوٺ فضلي جتوئي واسي ظهير پٽ محمد بخش جتوئي سان پيارجو پرڻو ڪري ڇڏيو. جوڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ گهران نڪري رضا خوشيء سان پيارجو پرڻو ڪيو آهي ڇوڪريء جا وارث جان جا ويري بڻجي ويا آهن، هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو