شڪارپور، ڇاپي دوران همراهه فوت، خودڪشي، ڪڻڪ هٿ

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) غريب آباد واري علائقي ۾ پوليس مبينا طور تي ٻن جوابدارن گلاب شيخ ۽ مجاهد شيخ جي گرفتاري لاءِ ڪاروائي ڪئي، جنهن دوران دل جو دورو پوڻ سبب جوابدارن جو والد فوت ٿي ويو، واقعي بعد وارثن گهنٽا گهر چوڪ تي لاش رکي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو. مظاهرين ٽائرن کي باھ ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاهرين پوليس خلاف نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي هنن چيو ته پوليس گهر ۾ گهري ٻن ڄڻن گلاب شيخ ۽ مجاهد شيخ کي گرفتار ڪيو ۽ سندن جي والد ممتاز شيخ کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سبب کيس دل جو دورو پوڻ تي هو فوت ٿي ويو، هنن مطالبو ڪيو ته ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته چوري ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن جي گرفتاري ڪئي، بعد ۾ جوابدارن جي والد کي دل جو دورو پيو جيڪو اسپتال ۾ وفات ڪري ويو آهي.*** ڳوٺ سونو خان جعفري ۾ گهريلو پريشاني سبب 20 سالن جي نوجوان سائينداد پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پسٽل سان فائر ڪري زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو پريشاني يا گهريلو جهيڙي سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.**** اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور جواد لاڙڪ جيڪب آباد باءِ پاس تي ڪاروائي ڪندي شڪارپور کان ڪوئٽه ويندڙ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه ٽرڪون هٿ ڪري ورتيون آهن، جيڪا غيرقانوني طور تي شڪارپور کان ڪوئٽه وڃي رهي هئي، ڪاروائي دوران ٻه ٽرڪون ۽ ٻن ڊرائيورن سميت چئن ڄڻن کي  پوليس جي حوالي ڪيو ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو