’شڪارين جي ويڊيو ڀرڻ تان وڏيري نوجوان کي اوطاق تي گهرائي قتل ڪيو‘

ٺٽو(ڊر)جنگشاهي جي ڪوهستاني علائقي ڪارو جبل ڀرسان هڪ نوجوان ناظم جوکيو بيدردي سان قتل ٿيڻ جو انڪشاف، نوجوان جي بيرحماڻي قتل ۽ لاش نہ ڏيڻ خلاف سندس وارثن ڌاٻيجي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي قومي شاهراھ تي ٽائر رکي روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان ناظم جوکيوگذريل ڏينهن ڪوهستان ۾ شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي موبائيل تي لائيو وڊيو ٺاهي هئي، جنهن کانپوء کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ گذريل رات دير سان اسانجي نوجوان ناظم جوکيو کي زبردستي بااثر وڏيري جي ھٿياربندن کيس کڻائي ڪارو جبل ڀرسان بااثر سياسي شخصيت جي اوطاق تي پهچايو ويو جتي کيس تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي ۽ هاڻي اسانکي اسانجي نوجوان جو لاش بہ نٿو ڏنو وڃي. ھنن گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن نوجوان جو لاش سندن حوالي ڪري سندن نوجوان جي سمورن قاتلن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري سندن نوجوان جي خون سان انصاف ڪري عرب شڪارين جي شڪار تي پابندي مڙھي وڌيڪ نوجوانن جون زندگيون بچايون وڃن. ھوڏانھن مارجي ويل نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن پاران ڌاٻيجي ۽ ملير ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھڻڻ بعد ميمڻ ڳوٺ پوليس ڄام هائوس ملير وٽان مارجي ويل نوجوان ناظم جوکيو جو لاش هٿ ڪري تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاء جناح اسپتال ڪراچي کڻائي ويئي آھي، ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاء افضل جوکيو ٻڌايو تہ سندن ڀاء جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد قاتلن تي ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري لاء ڌرڻو ھنيو ويندو، ھن الزام ھڻندي چيو تہ منھنجي ڀاء ناظم جوکيو کي گذريل رات ڄام اويس گھرام ملير ۾ ڄام ھائوس نياز جوکيو معرفت گھرائي قتل ڪري اسان سان ناحق ڪيو آھي. ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي. ھوڏانھن اھڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانئيل آھي جڏھن تـ بااثر سياسي شخصيت جو تعلق جوکيو برادري سان ٻڌايو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو