شيرازين جي ڪردار ڪشي خلاف سندن حامين جو احتجاج

ڪلوئي رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو) سيد شفقت حسين شاه شيرازي خلاف ميڊيا ٽرائيل بند ڪري شيرازي برادري تي الزام تراشي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪيو ڪلوئي ۾سماجي اڳواڻ نصرالله لشڪري ۽ عمر نهڙيو ستار پاڙھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪلوئي تي احتجاج ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن چيو  ته سجاول ضلعي کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندڙن کي سمجهڻ کپي ته سجاول جي باشعور عوام جو جيئڻ مرڻ شيرازين سان آهي الزام تراشي ڪرڻ سان ڪجھ حاصل نه ٿيندو غلام رسول سوهو ۽ ان جا ساٿي ضلعي کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين کين عوام رد ڪري چڪو آهي،غلام رسول سوهو ۽ ان جي ساٿين پاران شيرازين مٿان بي بنياد الزام بازي  ۽ ڌمڪائڻ شرم جوڳو عمل آهي اسان ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا  ۽ حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون ته غلام رسول ۽ ان جي ٻين ساٿين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري شيرازي برادري سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو