شيخ ڀرڪيو مچ ڪچهري ۽ صوفياڻي محفل منعقد

ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)  سموري سنڌ جيان شيخ ڀرڪيو ۾ به ثقافتي سرگرميون جاري آهن اجرڪن ۽ ٽوپين جي خريداري به جاري آهي ته ٻئي طرف  ثقافتي تقريبن جي به ڌم لڳل آهي هر طرف ثقافتي رنگ نکڙيل آهن شيخ ڀرڪيو ڀرسان   ڳوٺ آحمد خان عالماڻي ۾ جمال خان عالماڻي جي ميزباني هيٺ ثقافتي مچ ڪچھري ۽ صوفياڻي محفل رچائي وئي  جنهن ۾ سنڌ جي صوفي فنڪار  فقير آچر فقير علي نواز نانگو وچن سنڌي لوڪ فنڪارا سپنال گل ۽ رخسار حيدري ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا  جڏهن ته  سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار او يار ۽ سنڌي جمالو ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو   جڏهن ته آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفه پيش ڪيا ويا  ثقافتي مچ ڪچهري ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن شهرين واپارين ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙن شرڪت ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو