ڪابينا ۾ ردو بدل شيخ رشيد گهرو کاتي جو وفاقي وزير مقرر

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان اوچتو وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار ڪندي شيخ رشيد کي گهرو کاتي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو آهي. برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه کي انسداد منشيات جو کاتو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ريلوي کاتي جو قلمدارن اعظم سواتي کي ڏنو ويو آهي. اڄ ئي وفاقي وزير طور حلف کڻندڙ حفيظ شيخ کي ساڳيو ناڻي کاتي وارو قلمدان ڏنو ويو، ايوان صدر ۾ تقريب دوران حفيظ شيخ وفاقي وزير طور حلف کنيو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان وڌيڪ ٻن صلاحڪارن عبدالرزاق دائود ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي به وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته قانون مطابق وزيراعظم ڪنهن به اڻ چونڊيل شخص کي 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير مقرر ڪري سگهي ٿو. حفيظ شيخ هاڻي پارليمان جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿي ڪاروائي ۾ حصو وٺي سگهندو. ياد رهي ته ٽن سالن کان گهٽ عرصي ۾ هي ٽيون ڀيرو آهي ته عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ ردو بدل ڪئي آهي. شيخ رشيد جي گهرو کاتو سنڀالڻ جي پراڻي خواهش پوري ٿي وئي آهي. عمران خان جي حڪومت ٺهڻ وقت هن گهرو کاتو ڏيڻ لاءِ چيو هو پر وزيراعظم کيس ريلوي جو کاتو ڏنو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ جو اهم مرحلو شروع ٿيڻ تي گهرو کاتي جو قلمدان شيخ رشيد کي ڏيڻ اپوزيشن لاءِ سختي جو پيغام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو