شوڪت ترين سينيٽر طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين سينيٽر طور حلف کڻي ورتو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي نئين چونڊيل سينيٽر شوڪت ترين کان عهدي جو حلف ورتو.ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊجي ويو، کيس ڪل 87 ووٽ مليا.پي ٽي آءِ ايوب آفريدي کي سينيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪري شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني هئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار جي مقابلي ۾ اي اين پي جو شوڪت اميرزادو، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه وچ ۾ مقابلو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو