شهيد ڀٽو جا اڳواڻ ڪيسن مان آزاد، ساٿين پاران ڀرپور استقبال

لاڙڪاڻو )بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلع قمبر شهداد ڪوٽ جي صدر منير احمد بروهي،مشتاق احمد بروهي ۽ سندن ساٿين عدالت آزاد ڪري ڇڏيو. مٿن اٺ مهينا اڳ شهداد ڪوٽ پوليس دهشگردي ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪرايا هئا،جن ڪيسن کي عدالت سڳوري ڪوڙو قرار ڏيندي کين باعزت بري ڪري ڇڏيو، عدالت سڳوري کان بريت بعد منير احمد بروهي ۽ ضلعي لاڙڪاڻو جي صدر زبير احمد جتوئي جي اڳواڻي ۾ کين عدالت کان قافلي جي صورت ۾ المرتضيٰ هائوس آندو ويو جتي سندن پر جوش استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي لاڙڪاڻو جي پارٽي اڳواڻن زبير احمد جتوئي، فقير حبيب پتوجو، محراب ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالوحيد،لياقت عمراڻي،عرفان تنيو، صدام سانگي، ھمت علي جلباڻي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گلن جا هار پارائي سندن استقبال ڪيو پوليس خلاف نعري بازي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو