شهيد عزيز ميمڻ جي وارثن کي جوابدارن جون ڌمڪيون

نوشھروفيروز)رپورٽ منظور ملڪ)محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءَ حفيظ ميمڻ ۽ شهيد جي پٽ فائق ميمڻ نوشھروفيروز پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته هڪ طرف عزيز ميمڻ جو مک قاتل مشتاق سهتو اڃا تائين گرفتار ناھي ڪيو ويو ته ٻئي طرف گرفتار جوابدار شھيد عزيز ميمڻ جي وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، جنهن ڪري مقتول صحافي جا گھر ڀاتي غير محفوظ بڻيل آھن.هنن چيو ته ھن وقت جاچ ڪھڙي پوليس وٽ آھي ۽ ان جا ڪهڙا نتيجا نڪتا آھن  اھا وارثن کي به خبر ناھي اهي ڪهڙا ڳجها هٿ قتل ۾ ملوث آھن انهن کي به ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود ظاهر ناهي ڪيو ويو پوليس مقتول جي مک قاتل مشتاق سھتو کي ھٿ ناھي ڪري سگھي جيڪا پوليس جي ناڪامي آھي. هنن سنڌ حڪومت سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث  مک جوابدار مشتاق سهتو کي گرفتار ڪري سندس وارثن کي  تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو