عزيزجو موت دم گهٽجڻ سبب ٿيو،جي آءِ ٽي قائم، سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سندس موت جو سبب دم گهٽجڻ ٻڌايو ويو آهي. محرابپور جي رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽر تحسين ميمڻ ۽ ڊاڪٽر زاهد شيخ جي صحيحن سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ اها تصديق ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم يعني جي آءِ ٽي جوڙي آهي، ولي الله دل جي سربراهي ۾ جوڙيل جي آءِ ٽي جا 9 ميمبر آهن جن ۾ پوليس ۽ انٽيلي جنس بيورو جا نمائندا به آهن. آءِ ايس آِءِ يا ملٽري انٽيليجنس جو ڪو نمائندو ان ۾ شامل آهي يا نه ان جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ولي الله دل قومي اسمبلي جي اسٽيندنگ ڪميٽي آڏو بيان ڏنو هو ته هو طبعي موت مئو آهي. اهڙي ماڻهو کي جاچ ڏيڻ سان ڪهڙو نتيجو ملندو؟ ڊاڪٽرن جي رپورٽ پوليس جي منهن تي چماٽ آهي. هوڏانهن جمعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ محرابپور جي قتل ڪيل صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس پاران سندس قتل کي طبعي موت قرار ڏيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪيا. بلاول ڀٽو جي ٽرين مارچ دوران هن خبر هلائي هئي ته استقبال لاءِ پي پي نوشهرو جي چونڊيل نمائندن ڪرائي تي ماڻهو آند هئا ۽ جيترو معاوضو طئي ڪيو هو اوٽري رقم نه ملڻ تي ڪرائي جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو هو. جنهن بعد هن کي موتمار ڌمڪيون ملنديو رهيو هيون. بعد ۾ سندس ڪيمرا مين کيس ڪنهن فنڪشن جي ڪوريج لاءِ وٺي ويو ته نامعلوم قاتلن مائيڪ جي تار سان گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش ڳوڌو شاخ ۾ لوڙهي ڇڏيو هو. ***شڪارپور مان عبدالخالق سومرو موجب سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي مختلف تنظيمن آپڪا، شڪارپور بچايو تحريڪ، عوامي تحريڪ ۽ ٻين پاران جماڻي ھال چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شڪارپور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي قيادت شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جو صدر آغا اسرار پٺاڻ، عبدالسلام انڙ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل ھئا، جن تي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف مختلف نعرا درج ھئا، ريلي کي خطاب ڪندي آغا اسرار پٺاڻ، عبدالسلام انڙ، زاھد نون، سوڍو جيمس، اياز منگي، ابراھيم بروھي ۽ ٻين چيو ته پوليس طرفان صحافي عزيز ميمڻ جي قتل کي طبعي موت قرار ڏيڻ پوليس جي ڌر هجڻ جو ثبوت آهي. ان جو مقصد حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ آهي. صحافي عزيز ميمڻ جو قتل پوري صحافين عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو. احتجاجي ريلي ۾ ديدار سومرو، نذير قريشي، عارف قريشي، عبدالحڪيم جتوئي، عبدالرشيد ڄامڙو، امجد حسين آرائين، افتخار آرائين، ارشاد آرائين، عبدالوھاب ڪاغذي، ظفر چنو، زاھد ڀمڀرو، شفيق شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.*** سکرمان جيرام داس موجب سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي محرابپور ۾ بي دردي سان قتل ٿي ويل صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اعلانيل احتجاج جي موٽ ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس، سکر پريس ڪلب، سکر ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن، سيفما سکر چيپٽر پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،

مظاهري جي اڳواڻي سکر پريس ڪلب جو صدر نصرالله وسير، پي ايف يو جي جو ايف اي سي ميمبر امداد بوزدار، خالد ٻانڀڻ، ياسر فاروقي، جاويد جتوئي، لالا شهباز پٺاڻ, بخش علي ڦلپوٽو, عمران شيخ  جيرام ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جو قتل صحافت تي وار آهي. هن پنهنجي زندگي ۾ بهتر انداز ۾ صحافتي ذميواريون انجام ڏنيون. صحافت دشمن قوتن صحافي عزيز ميمڻ کي بي دردي سان قتل ڪرايو جن جا پيرا سنڌ حڪومت ڏانهن وڃن ٿا. نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري موجب صحافين عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي حڪومت ۽ پوليس خلاف نعرا هنيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس پاران ان کي طبعي موت قرار ڏيڻ مان ظاهر آهي ته قاتل حڪمران پارٽي جا نمائندا آهن جن آڏو پوليس به بيوس بڻيل آهي. هنن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته قاتل ڪير آهن. ڏينهن ڏٺي جو هن کي مائيڪ جي تار سان گهٽا ڏئي قتل کي طبعي موت قرار ڏيڻ پوليس جو هڪ شرمناڪ عمل آهي جنهن جي مذمت ٿا ڪريون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو