شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي سڏ تي محرابپور جي صحافي شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.****ڪنڌڪوٽ  مان غالب بلوچ موجب پريس ڪلب  جي صدر مسعودعالم  سومرو . جنرل سيڪريٽري  عبدالسبحان کوسو جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي صحافين ۽ شھرين طرفان احتجاج ـ مظاهرو ڪيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته  اصل  قاتلن کي گرفتاري ڪيو وڃي. ****غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب پريس ڪلب جي صدر جمال الدين اوڳاهي . جنرل سيڪريٽري  شير زمان بجاراڻي اصغر علي بجاراڻي اسدﷲ اوڳاھي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي صحافين ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين مطالبو ڪيو ته اصل  قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو