شهيد شاهنواز ڀٽو جي 63 هين سالگره تي ڀيٽا پيش

شهدادڪوٽ (ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران شهيد شاهنواز ڀٽو جي 63 هين سالگره ملهائي ڪيڪ ڪٽيو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران شهيد شاهنواز ڀٽو جي 63هين سالگره جو ڪيڪ شهر جي ٽائون هال آڊيٽوريم  ۾ ڪٽيو ويو سالگره تقريب ۾ مرڪزي، ضلعي، تعلقي ۽ سٽي جي  اڳواڻن  سميت  مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي راجا بروهي پنهنجي  50 ساٿين سميت  پي پي شهيد ڀٽو ۾ شموليت ڪئي. رٿيل تقريب کي مرڪزي اڳواڻ عبدالمجيد سيال، ضلعي اڳواڻ منير بروهي، تعلقه  اڳواڻ وزير کوسو، سٽي اڳواڻ ذوالفقار مگسي، فيض بروهي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي وهاب پندراڻي، پير بخش ڀٽي، حبدار ميرجت،  حاجي خان ڀٽو، قاسم سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي، دنيا جي هر ظالم جي خلاف شهيد شاهنواز ڀٽو  مظلومن ماڻهن جو آواز بڻيو، هنن چيو ته اسرائيلي اڄ به شهيد شاهنواز ڀٽو جي نالي کان خوفزده آهن، هنن چيو ته شهيد مير ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو، مير شاهنواز ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي سميت سنڌي ماڻهن جو وڏو ڪردار ۽  شهادتن ۾ وڏو حصو آهي. هنن چيو ته سنڌ هن وقت تمام ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي سنڌي ماڻهن کي ان صورتحال مان ڪڍڻ لاء سڀني کي سنجيدگي سان عملي قدم کڻن جي سخت ضرورت آهي، تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ پي پي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو