شهيد راڻي جي 14 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي اڄ سڄي سنڌ ۾ عام موڪل آهي. ٻئي طرف ڳڙهي خدا بخش ۾ ورسي جي مک تقريب جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن مان پ پ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڳڙهي خدا بخش پهچي رهيا آهن، مرڪزي جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.ان کان علاوه اڳوڻو صدر آصف علي زرداري صحت جي خرابي سبب بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو، جنهن جي تصديق سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به ڪئي آهي. ياد رهي ته 27 ڊسمبر 2007 تي پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي دهشتگردن راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ نشانو بڻايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو