شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان 2 ڏينهن وارو ملهه ملاکڙو جاري

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ڪمشنر شهيد بينظير آباد سيد محسن علي شاھ چيو آهي ته ملھ راند سنڌ.جي سونهن آهي جيڪا سنڌ کانسواءِ ھاڻي ٻين صوبن ۾ به کيڏي وڃي ٿي. هن اهڙي ڳالهه سڪرنڊ ۾ آرگنائيزر محمد صالح ڪيريو پاران سڪرنڊ ۾ 2 ڏينهن واري شهيد راڻي بينظير ڀٽو ملھ ملاکڙي جي افتتاح وقت ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران ڪيو. افتتاح وقت ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جو چيئرمين سيد محمد منير شاھ ۽ قاضي جاويد سنائي به موجود هئا. هن چيو ته راندين جي حوالي سان هر ملڪ ۽ علائقي جي پنهنجي سڃاڻپ هوندي آهي ان حوالي سان سنڌ جي سڃاڻپ ملھ راند آهي ڪمشنر ان موقعي تي ملھ کٽيندڙ پهرين جوڙ جي پهلوانن کي روڪ رقم به ڏني ۽ کين داد پڻ ڏنو. راند ۾ جوش و خروش ڏسڻ وٽان هو. ان موقعي تي راجا ارشاد ڪيريو، رفيق چانڊيو، محمد صديق منگيو، ڏاڏو چانڊيو پڻ موجود هئا جن ملاکڙي جي رانديگرن کي شاباس ۽ انعام ڏنا ملاکڙي ۾ نوجوان ملھ پهلوان غلام حسين پٺاڻ جو ذڪر ۽ واه واه ٿيندي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو