شهناز ۽ بهڻ جي پونئرن سان بلاول ۽ مراد شاهه جي فاتحه

ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سان گڏجي 2 ڏينهن قتل ٿيل پارٽي جي ايم پي اي ڊاڪٽر شهناز انصاري ۽ ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿيل سردار رحمت الله بهڻ جي پوئنرن سان فاتحه ڪئي. بينظير آباد مان اي ڪي ڏاهري موجب ٻئي پي پي اڳواڻ نوابشاهه ايئرپورٽ پهتا جتان هيلي ڪاپٽر ذريعي عذر خواهين لاءِ روانا ٿيا. مورو  مان اياز سولنگي موجب ڳوٺ ڌيرڻ ۾ سردار بهڻ جي وفات تي سندس ڀاءُ عزيز احمد بهڻ، پٽ رئيس نعمت الله بهڻ، رئيس هدايت الله بهڻ ۽ ٻين سان فاتحه ڪئي.

بلاول ڀٽو چيو ته منهنجي امڙ شهيد محترمه بنظير ڀٽو به ڌيرڻ بغير شيڊول جي آئي هئي ۽ اڄ مان به هتي بنا شيڊول آيو آهيان ڇو ته هي منهنجو گھر آهي.هن چيو ته ذولفقار بهڻ جون پ پ لاءِ تمام گھڻيو قربانيون آهن جن لاءِ هُن کي جس ڏجي ٿو. وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته مرحوم رئيس حاجي رحمت الله بهڻ سان منهنجي مرحوم والد جا تمام ويجهڙائپ وارا تعلق هئا جنهن سبب بابا سائين کيس ادا سڏيندا هئا. ان موقعي تي ضياءِ الحسن لنجار،ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ، سميت پارٽي جا مقامي اڳواڻ به موجود هئا. بلاول ڀٽو زردراي بهڻ هائوس ڌيرڻ تي سوا ڪلاڪ موجود رهيو ۽ منجهند جي ماني به کاڌي .جنهن بعد هو نوشهروفيروز پهتا. جتان مشتاق حسين مري موجب بلاول ڀٽو زرداري ، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٻين اڳواڻن سان گڏ پهتو ۽ مقتولا ايم پي اي شھناز انصاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو فوتي ايم پي اي جي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته شھناز انصاري جون خدمتون ھميشه ياد رھنديون. ھو پارٽي جو اثاثو ھئي. هن سندس وارثن کي يقين ڏياريو ته قانون مطابق سڀ جوابدار گرفتار ٿيندا. ان موقعي تي شهلا رضا، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هئا. عزيز ميمڻ جي قتل تي صحافين جي امڪاني احتجاج سبب بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوريج لاءِ نه صرف صحافين کي روڪيو ويو پر شهر جا روڊ رستا قناتون هڻي سيل ڪيا ويا جنهن سبب ڪافي وقت تائين مقتولا ايم پي اي جي دعا لاءِ ٻاهران ايندڙ ڪافي ماڻهو پريشان رهيا. عذر خواهي لاءِ سعيد غني، آغا سراج دراني، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ، راشد محمود سومرو ۽ ٻيا پڻ پهتا. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ايم پي اي شھناز انصاري کي ڳوٺ مراد کوکر ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن جو ڪيس درياخان مري ٿاڻي تي 4 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو جنهن مان 2 ملوث جوابدار سلمي کوکر ۽ يوسي چيئرمين صديق کوکر کي گرفتار ڪيو ويو آھي جڏهن ته مک جوابدا وقار کوکر ۽ اختر کوکر کي پوليس هن مهل تائين  گرفتار ناهي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو