شهر کان ڳوٺ ويندي ٺيڪيدار ڦرجي ويو

دادو (ڊ ر)ٺيڪيدار علي اصغر ابڙو پريس ڪلب پهچي ميڊيا کي ٻڌايوته ڳوٺ عبدالرحيم نزد پيارو اسٽيشن  ويندي ڪڪڙ ڀرسان 5 هٿياربند روڪي مارڪٽ ڪئي  74 هزار روپيا ڪيش،ايم سي بي بئنڪ اي ٽي ايم۽ شناختي ڪارڊ کسي ٻڌي ڇڏيائون.3 ڦورو ڪڪڙ طرف ۽ ٻيا ٻئي طرف روانا ٿي ويا، پڪٽ تي پوليس بيٺي هئي پوليس وارن کي اهڙي شڪايت ڪئي ۽ هنن کي ٻڌايو ته 125 موٽر سائيڪل هتان نڪتي آهي اهي مڃڻ لاء تيار نه هئا هڪ ٻار چيو  ته موٽر سائيڪل نڪري وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪارن ڦورن کي پڪٽ ڪراس ڪرائي،صاحب ابڙو انچارج گلو واهڻ  مڃڻ لاء تيار نه هو، پي ايس رڪڻ جي حد ۾ ڦرون۽ چوريون روز جو معمول جو حصو آهي، ڦورن جا پيرا چئودگي ڏانهن وڃن پيا. هن وس اورن کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو