شهر يار شر سان پوليس جي مبينه بدتميزي خلاف احتجاج

ورڪشاپ (ن س)پي ٽي آءِ، ايم پي اي سردار مير شھريار خان شر سان ڏھرڪي پوليس پاران رستا روڪ ڪرڻ خلاف شر اتحاد پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ پوليس خلاف عريبازي به ڪئي وئي. ڏھرڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او  پاران پي ٽي آء ايم پي اي سردار مير شھريار خان شر سان اسپتال ۾ ڪيل  بدڪلامي خلاف شر اتحاد سانگھڙ  جي صدر عبدالستار شر  وزير شر حاجي ڪمال الدين  يونس شر حب علي شرمير خان، ذالفقار علي سنگھار خا ۽ ٻين پاران پريس ڪلب ورڪشاپ   اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته  ايس ايڇ او ڏھرڪي شر برادري جي نوجوان شبير شر ھڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪري کيس  رات جو ھاف فراءِ ڪري ڇڏيو ۽ سندس ٻنھي ٽنگن ۾ گوليون ھڻي کيس معذور ڪري ڇڏيو. ان سان ايڏو وڏو ظلم ڪيو ويو آھي ۽ ايس ايڇ او ڏھرڪي وردي جي زور تي  نوجوان جي عيادت لا اسپتال آيل ايم پي اي جي رستا روڪ ڪري ساڻس  بدڪلامي  ڪئي آھي اسان  ايس ايڇ او ڏھرڪي جي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا چونڊيل نمائندن سان ڏھرڪي پوليس جو اھو رويو آھي ته عام ماڻھن سان پوليس  ڪھڙي نموني پيش ايندي  ھوندي اسان اعليٰ اختيارين کان اھو مطالبو ٿا ڪريون  ته ايس ايڇ او ڏھرڪي کي جلدکان جلد ھٽائي سندس خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان سموري سنڌ ۾ پر امن احتجاجي تحريڪ ھلائيندسون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو