شهري دفاع جو ڏينهن، عوامي آگاهي جي مهم

سکر (امداد علي ڪلوڙ) آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر ڪليم امام ۽ ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ جي خصوصي هدايت تي ايس ايس پي  موٽر وي سکر غلام سرور ڀيو جي نگراني هيٺ  نيشنل هاءِ وي ڪرم آباد  وٽ سول ڊفينس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي موٽر وي پوليس ۽ شهري دفاع روهڙي جي عهديدارن دهشتگردي، قدرتي آفتن کان بچاءَ ۽ روڊ سيفٽي بابت  ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ڊرائيورن ۾پمفليٽ تقسيم ڪري آگاهي ڏني، آگاهي مهم ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ سکر ريجن ڊاڪٽر سميع الله خان خصوصي طور  شرڪت ڪئي ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ڊرائيورن ۾ پمفليٽ  ورهائڻ سان گڏوگڏ موجوده ڪرونا وائرس جي صورتحال بابت آگاهي پڻ  ڏني، سندن چوڻ هو ته احتياطي  اُپاءَ وٺي ڪرونا وائرس  کان محفوظ رهي سگهجي ٿو، شهري دفاع روهڙي جي سينئر پوسٽ  وارڊن آغا  جبار خان شهري دفاع جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماڻهن ۾شهري دفاع ۽ روڊ سيفٽي  بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته موٽر وي پوليس سان گڏ قومي شاهراهه    تي شهري دفاع بابت آگاهي ڏيڻ سان ماڻهن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ شعور پيدا ٿي رهيو آهي، شهري دفاع جو عملو پنهنجون خدمتون بنا لالچ جي انجام ڏئي رهيو آهي، ان موقعي تي ڊي ايس  پي موٽر وي خالد محمود نواز پڻ بريفنگ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي پوسٽ وارڊن سول ڊفينس محمد علي سميت موٽر وي پوليس جي موبائل ايجوڪيشن سکر جي انسپيڪٽر پرويز احمد ۽ سب انسپيڪٽر محمد حيات پڻ آگاهي مهم ۾ حصو ورتو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو