شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ بابت رياست جي پاليسي ڇا آهي؟ عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل (اي اي جي) کي هدايت ڪئي آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو وفاقي ڪابينا سان اٿاري ۽ عدالت کي گم ٿيل ماڻهن بابت حڪومتي پاليسي کان آگاهه ڪيو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ڊويزن بئنچ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف وفاق جي انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل آءِ ٽي انجنيئر ساجد محمود جي گهرواري ماهرا ساجد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي وفاقي حڪومت کي گم ٿيل شهري جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ ايڊيشنل اٽارني جنرل قاسم ودود کان حڪم خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو سبب پڇيو، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته عدالت مٿس ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي هن 1999 ۾ ساڳئي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پاران حڪومت تي 2,000 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو حوالو پڻ ڏنو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ياد ڏياريو ته ڀارتي عدالتن جا ڪجهه حڪم پڙهو، حڪومت تي ڏنڊ لڳائڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي.ايڊيشنل اٽارني جنرل اهو به چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪيس ٻڌڻ کان روڪڻ لاءِ اها اپيل ڪئي وئي آهي؟عدالت اهو به چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ ۾ هڪ ڏيڍ سال کان وڌيڪ دير ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ان بنياد تي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته هو پنهنجي دليلن جي فائل آڻڻ وساري ويٺو آهي.جسٽس عامر فاروق ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل کي عدالت جي ڊيڪورم جو خيال رکڻ لاءِ چيو.ماهرا ساجد جي وڪيل عمر گيلاني چيو ته سندس موڪل جو مڙس 2015 ۾ گم ٿي ويو هو ۽ 60 کان وڌيڪ ٻڌڻين ۾ حڪومت جو موقف ساڳيو رهيو.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو