شهرين کي مفت سهولت، ڪميونٽي هال جو افتتاح

نوشهروفيروز(رپورٽ منظور ملڪ)نوجوان سماجي شخصيت  ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ ۽ سندس فيمليءَ پاران جوڙايل ڊاڪٽر نظام الدين ميمڻ ڪميونٽي هال جو افتتاح ڪيو ويو. جنهن ۾ معزز شهرين شرڪت ڪئي. شهر واسين لاءِ  شادي وغيره ۽ ٻين خوشين سان گڏ غميءَ جي موقعن تي گڏجاڻي لاءِ هن قسم جي هال جي تمام گهڻي ضرورت هئي. شهر واسين جي اهڙي ضرورت کي محسوس ڪندي هن هال جي تعمير ڪرائي وئي. جيڪو تمام شهرين کي مفت ۾ فراهم ڪيو ويندو. هال جي تعمير مڪمل ٿيڻ تي دعائيه تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ قرآن خواني ڪرائي مرحوم ڊاڪٽر نظام الدين ميمڻ، ۽ مرحوم ماجد مصطفي ميمڻ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا پڻ گهري وئي.ان موقعي تي انسانيت جي خدمت ڪندڙ ڪاشف ميمڻ چيو ته جلد مفت ايمبولينس سروس به شروع ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو