شهداد ڪوٽ ۾ ڇتن ڪتن 3 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ(ن س) شهر جي مختلف پاڙن ۾ ڇتن ڪُتن 3 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، اسپتال داخل ، شهر جي شمبوزئي پاڙي ۾ ڇتي ڪتي اورنگزيب شمبوزئي کي هٿن ۾ ، سول اسپتال پويان ڊرٻ پاڙي ۾ حميد سومرو کي ڄنگھ ۾ ، جڏهن ته قبوسعيد روڊ تي عبدالغني بروهي کي پير ۽ ڄنگھ ۾ ڏاڙهي وڌو، ٽنهي زخمين کي علائقي واسي ۽ عزيز کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو، جتي کين علاج ڪري ڇتي ڪتي جي چڪ واري سئي لڳائي وئي ان موقعي تي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ڪشور ڪمار ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اورنگزيب کي هٿن ۾  چڪ لڳل هئا جنهن کي ٽاڪا  لڳايا آهن،  جڏهن باقي ٻن مريض کي ڄنگھن ۽ پير ۾ چڪ لڳل ھئا جنهن جي به مرهم پٽي ڪري انهن کي ڪتي جي چڪ واري سئي لڳائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو