شهباز ۽ مولانا ملاقات، حڪومت خلاف تحريڪ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات دوران پي ٽي آءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ بابت لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا. اسلام آباد ۾ فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ملاقات دوران ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ به موجود هئا، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملاقات ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، پر اُن لاءِ سمورين اپوزيشن جماعتن کي گڏيل طريقيڪار ۽ حڪمت عملي طئه ڪرڻي پوندي، اي پي سي ۾ قوم آڏو پنهنجو لائحه عمل پيش ڪيو ويندو، شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ پارليامينٽ کان ٻاهر سياسي جماعتن کي به گڏ ڪيو ويندو، حڪومت کي هاڻي وڌيڪ عرصو برداشت نٿو ڪري سگهجي.ٻنهي اڳواڻن ۾ جلد ڪل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مولانا چيو ته ان جي ميزباني مسلم ليگ (ن) کي ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته اي پي سي به ٿيندي ۽ رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ جي اڳواڻ شهباز شريف جي ملاقات کان اڳ ميان نواز شريف جي هڪ قاصد مولانا سان ملاقات ڪري کيس اهم پيغام پهچايو. جنهن تي ميڊيا ۾ سرٻاٽ هئا ته قائد کان اڳ قاصد ڪهڙو پيغام ڏنو ؟

پهنجو تبصرو موڪليو